نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊينمارڪ جي پر??يهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پر??يهي آفيس موجب ٻنهي پر??يهي وزيرن ڊينمارڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن د??را?? مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پر??يهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊينمارڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پر??يهي وزير ڊينمارڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ تعليمي تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پر??يهي وزير چيو ته ڊينمارڪ پاڪستان کي ا??تصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊينمارڪ جون ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پر??يهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي ا??غانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني ا??داد جي فراهمي جاري رکي آهي. پر??يهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻ??ڏ جي ڏس ۾ ڊينمارڪ جي ا??داد کي به ساراهيو.