واشنگٽن – 15نومبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپي?? ايڪس جي باني ايلون مسڪ گڏيل قومن ۾ اي??ان جي سفير سان ملاقات ڪئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻن اي??اني اختيارين جو حوالو ڏيندي آمريڪي ارب پتي شخصيت ايلون مسڪ ۽ گڏيل قومن ۾ اي??ان جي سفير امير سعيد اي??اواني وچ ۾ ملاقات کي مثبت قرار ڏنو آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران سندس ڀرپور حمايت کان پوءِ آمريڪي سياست ۾ ايلون مسڪ جي اثر و رسوخ ۾ اضافو ٿيو ۽ نئين چونڊيل صدر کيس پنهنجي انتظاميا ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اخبار جو چوڻ آهي ته ايلون مسڪ ۽ اي??اني سفير ڳجهي هنڌ هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ملاقات ڪئي. نه ته ٽرمپ جي ٽيم ۽ نه ئي گڏيل قومن ۾ اي??اني مشن ملاقات جي تصديق ڪئي، پر اي??اني عهديدارن پاران ان ملاقات جي تصديق مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ت?? ڊونلڊٽرمپ اي??ان سان سفارتڪاري ۾ سنجيده آهي. پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ اي??ان جي ايٽمي پروگرام تي اڳ واري صدر باراڪ اوبا??ا جي دور ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو هو، ان کان علاوه هن اي??ان تي پابندين ۾ اضافو ڪري وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.