اسلام آ??اد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته غربت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تعليم ۽ صحت ??ي سهولتن جي فراهمي اهم آهي، دنيا کي درپيش ماحولياتي جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعليم يافته انسانيت جي ضرورت آهي، تعليم يافته نوجوان ملڪ، قوم ۽ دنيا جي ب??تر انداز ۾ خدمت ڪري سگهن ٿا، نئين ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ ۾ تعليم جي هيٺين سطح تائين فراهمي يقيني بڻائي ويندي آهي، والاريل ڪشمير ۾ گذريل پنج مهينن کان اسڪول بند آهن، ڪنهن کي اسڪول جي کلڻ جي ڪا خبر نه آهي، ڀارت ۾ مذهب جي نالي ت?? نفرت پکيڙي پئي وڃي،”علم پاسيبل سمٽ 2019ع“ کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته برٽش ڪائونسل جو اهو پروگرام خوش آئنده آهي.