پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ار?? واري نظام ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر و??جا??ُ ڪندي چيو آهي ته مل?? جي مختلف شعبن ۾ س??ار?? جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ايندڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي مل??ن جي طرز تي جديد نظام متعارف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي بيمارين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.