واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي ڊيموڪريٽڪ سينيٽر ڪرس وان هولن جي پاڪستان هائوس واشنگٽن ۾ خاص ملاقات ٿي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهن??ي ٻطرفن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ??ي ٿو ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ذريعي انهن لاڳاپن کي وڌ??ڪ مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير سينيٽر هولن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گذريل 5 مهين کان جاري گه??راءُ، بنا جواز پابندين ۽ امن امان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کان آگاهه ڪيو.