اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظهار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن م??ن رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نئين پاڪس??ان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن ۾ ورهايا ويندا، مستحق خاندانن کي 12 هزار رپي?? گڏ ادا ڪيا ويندا.