اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي ٻهروپين جو جمهوري لباس لهي قوم جي سامهون اچي رهيو آهي، پهرين ڏينهن کان چئي رهيا آهيون ته انهن جي نه هڪ سوچ آهي نه ڪوئي نظريو آهي، پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته روزاني پنه??جي موقف تان ڦرندڙ عوام جي رهنمائي جي لائق نٿا ٿي سگهن، کين پنهنجو ذاتي مفاد عزيز آهي.