اسلام آباد – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان با??ا گرو نانڪ جي 551 هين جنم ڏهاڙي تي سک برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سک برادري سميت سڀني اقليتن جي مذ??بي عبادتگاهن ۽ جاين جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو ۽ ياترين لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هڪ وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته سک برادري جي ٻن مقدس جاين ننڪانه صاحب ۽ ڪرتاپور پاڪستان ۾ موجود آهن، جهڙي طر?? مسلمانن لاءِ مڪي ۽ مديني جي اهميت آهي اهڙي طرح سکن جي لاءِ اهي ٻه مذ??بي جايون تمام گهڻي اهميت رکن ٿيون.