اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کاڌي پيتي جي شين ۾ م??اوٽ ڪندڙ عنصرن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي به ماڻهن جي صحت سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کنڊ جي صنعت ۾ ٽيڪس چوري ۾ م??وث شگر ملز جي نشان??هي ۽ انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گذريل ٻن مهينن ۾ شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، ان جي تسلسل کي قائ?? رکڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن روزاني جي استعمال جي شين جي قيمتن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ??ي صدارت ڪندي ڪيو.