اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ قدم کنيا، ا??ساس پروگرام، لنگر خانا، پناهگاهون ۽ ڪامياب جوان پروگرام ان جو چٽو ??بوت آهي، هاڪر سخت موسمن ۾ به اخبارون گهر گهر تائين پهچائڻ جون ذميداريون ادا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ موقعن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي رڳو هڪ خاص طبقي کي نوازيو ويو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ هاڪرن جي لاءِ پيڪيج جي اعلان جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين، ايم ڊي پاڪستان بيت المال عون عباس بپي، ٽڪا خان کانسواءِ گڏيل شهرن جي اخبار وڪرو ڪندڙن جو وڏو تعداد تقري?? ۾ ??ريڪ هو.