اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيل?? ڪميٽي (سي سي او پي) جي اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مي??نجمينٽ ڪمپني لميٽڊ (اين پي پي ايم سي ايل) جي نجڪاري تي اڳڀرائي جو جائز?? ورتو ويو. ناڻي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب ناڻي واري وفاقي وزير جي ورچوئل صدارت ۾ ڪابينا جي نجڪاري بابت ذيل?? ڪميٽي جو اجلاس هتي فنانس ??ويزن ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار، پاور بابت خاص مددگار، ايف بي آر چيئرمين ۽ ناڻي ۽ روينيو بابت خاص مددگار شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاور، پيٽروليم ۽ نجڪاري جي سيڪريٽرين به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نيشنل پاور پارڪس مي??يجمينٽ ڪمپني لميٽڊ جي نجڪاري تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائز?? ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪابينا جي توانائي بابت ڪميٽي، ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي ۽ سي سي سي جي فيصلن تي عملدرآمد جو به جائز?? ورتو ويو.