اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ذاتي انتقام جي لاءِ مذهبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ مذمت جوڳو آهي، شهزاد اڪبر جي خلاف ٽئين درجي جا حربا استعمال ڪرڻ تي لاهور پوليس کي ايم پي اي نذير چوهاڻ جي خل??ف سخت ڪارروائي ڪرڻي پوندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته شهزاد اڪبر ڀرپور طريقي سان پنهنجون ذميواريون سران??ام ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن رياست اهڙي طرح جي حملن کان پنهنجي آفيشلز جي حفاظت نه ڪري سگهي ته ڪم نه ٿي ڪري سگهي.