اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري ??اڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس موٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقا?? ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي و??ير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي و??ير مخدوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي و??ير محم?? حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ??ندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هداي?? ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري ??اڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.