اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چي?? آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزيراعظم عمرا?? خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ ??فع?? ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي جي طور تي ا??ري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چي?? ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نمبر رهيو، پيپلزپارٽي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.