اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان اڪيلي افعانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته ??فغانستان ڪهڙي طرف ويندو، شنگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو، افغان حڪومت کي يقيني بڻ??ئڻو پوندو ته ??فغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو، افغانستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان نه ڳنڍڻ گهرجي، افغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي، اميد آهي ته ??فغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، هن وقت ڪير ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته ??فغانستان ڪهڙي طرف ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??فغانستان ۾ اڃا تائين ٺوس حڪومت ناهي ٺهي سگهي جڏهن ته ??ڳڀرائي جي اميد آهي، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ سان افغانستان ۾ پائيدار امن ممڪن ٿيندو. هن چيو ته ??ميد آهي ته ??فغانستان ۾ طالبان عورتن جي تعليم جي اجازت ڏيندا، طالبان جو چوڻ آهي ته ??هي عورتن کي مرحليوار قومي ڌارا ۾ شامل ڪندا، اسلام ۾ عورتن جي حقن تي خاص زور ڏنو ويو آهي، افغان عورتون بهادر آهن، انهن کي وقت ڏنو وڃي اهي پنهنجا حق پاڻ حاصل ڪنديون. هن چيو ته ??فغانستان جي ڳوٺاڻي ماحول کي مذهب سان ڳنڍڻ نه گهرجي، هن وقت ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي ته ??فغانستان ڪهڙي طرف ويندو. هن چيو ته ??فغانستان ۾ 40 سالن کان جاري جنگ جو خاتمو سٺي خبر آهي. وزيراعظم چيو ته ??نگهائي تعاون تنظيم ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورن اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ٺوس حڪومت جي جوڙجڪ کانپوءِ افغانستان کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان اڪيلي افغانستان جي نئين حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪندو، افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کان اڳ طالبان کي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻ??ئڻو پوندو، افغان حڪومت کي اهو به يقيني بڻ??ئڻو پوندو ته ??فغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي.