اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سعودي هم منصب شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏ??ل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ ۽ اهم علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ تعان جي فروغ ۽ افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ڀائراڻا ل??ڳاپا آهن جڏهن ته ٻنهي ملڪن هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. پرڏيهي و??ير سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سعودي پرڏيهي و??ير جي جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل قومن سميت ??ال??ي فورمز تي وڌندڙ گڏيل تعاون کي خوش آئنده قرار ڏنو. پرڏيهي و??ير چيو ته هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي لاءِ اڻٽر آهي، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ ??ال??ي برادري کي افعان شهرين جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿي ته ان جا اثر پوري خطي ۾ پوندا، پرڏيهي و??ير سعودي هم منصب کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران هٿين خالي ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو.