اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تجويز ڪي?? پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي بل جي مسودي کي سمورين ڌرين جي مشاورت سان حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، اطلاعات واري وزارت پي ٽي وي پارليامينٽ جي ??ڌوسنئون نشريات کي واپاري بنيادن تي هلائڻ چاهي ٿي، پي ٽي وي اسپورٽس جي نشريات کي ايڇ ڊي ڪي?? پيو وڃي، پي ٽي وي باصلاحيت اميدوارن کي برابر موقعا فراهم ڪري رهي آهي، ماضي ۾ اڳوڻي حڪومتن پي ٽي وي ۾ سياسي بنيادن تي غيرضروري ڀرتيون ڪي??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ??جلاس ۾ ڪي??. سينيٽ جي ??سٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي ??دارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ 2 آگسٽ 2021ع تي ٿيندڙ ڪميٽي جي ??جلاس جي ??فارشن تي عملدرآمد جي ??والي سان رپورٽ جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پاڪستان ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان جي ??نتظامي ڪنٽرول ۾ موجود زمينن ۽ عمارتن ??و آپٽمائيزيشن پلان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ??مينن ۽ عمارتن ??و نئين سر جائزو وٺي رهي آهي، اهو هڪ وڏو ڪم آهي، ان کي ٽئين ڌر ذريعي مڪمل ڪي?? ويندو جنهن جو ٽينڊر جاري ڪي?? ويو آهي، جيئن ئي ري ويليوايشن جو مرحلو مڪمل ٿيندو ته انهن زمينن ۽ عمارتن جي ??ستعمال بابت اڳئين مرحلي بابت سينيٽ جي ??سٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهه ڪي?? ويندو. ڪميٽي پنهنجي گذريل اجلاس ۾ پي ٽي وي پاران گذريل 5 سالن ۾ ڀرتي ڪي?? سمورن ڪانٽريڪٽ ملازمن جي پگهارن جي ڍانچي سان گڏ فهرستون طلب ڪي??ن هيون. اجلاس ۾ پي ٽي وي پاران فراهم ڪي?? فهرستون غور هيٺ آيون. سينيٽر عرفان الحق صديقي نشاندهي ڪئي ته ملازمن جي پگهارن جي پئڪيج ۾ وڏو فرق آهي. هن چيو ته ڪجهه ملازمن جي پگهارن ۾ گذريل 5 سالن دوران اضافو ڪي?? ويو آهي جڏهن ته ڪجهه اهڙا ملازم به آهن جن جي پگهارن ۾ ڪو اضافو ناهي ڪي?? ويو. هن تجويز ڏني ته پي ٽي وي ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڪانٽريڪٽ ڏنو وڃي جنهن جي ??واب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پي ٽي وي باصلاحيت اميدوارن کي برابر موقعا فراهم ڪري ٿي ۽ وقت بوقت ميرٽ جي ??نياد تي ضرورت موجب ڀرتي ڪري ٿي. هن چيو ته ڪوٽا جي ??بتڙ ڪيس ٽو ڪيس بنيادن تي ڪيتريون ئي مقرريون فوتي ملازمن جي وارثن جون آهن جن ۾ بيواهون ۽ فوتي ملازمن جا ٻار شامل آهن. ان کانسواءِ ميڊيا ادارن ۾ چٽاڀيٽي فائدي جي لاءِ پي ٽي وي اينڪرز سميت پروفيشنلز جون خدمتون حاصل ڪي??ن ته جيئن پي ٽي وي جي ??اک ۽ ان جي ناظرين جي ??نگ کي برقرار رکي سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير سياسي بنيادن تي غيرضروري عملي جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومتن ??ي ڪردار تي افسوس جو اظهار ڪي??. هن چيو ته اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو هڪ نظام متعارف ڪرايو آهي. اسان پي ٽي وي اسپورٽس جي ٽرانسميشن کي ايڇ ڊي ڪوالٽي تي اپ گريڊ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ايڇ آر ايم اهم شعبو آهي، ان سيڪشن کي ڪنهن ٻاهرئين مداخلت کانسواءِ پاليسيون تيار ڪرڻ جي ??جازت هجڻ گهرجي. اهو پروفيشنلز تي ڇڏڻ گهرجي ??ه اهي فيصلو ڪن ته اداري جي لاءِ ڇا بهتر آهي. اسان رياستي ميڊيا جي ??هترين مفاد ۾ پاليسين جي ??ياري جي لاءِ ايڇ آر فرم جون خدمتون حاصل ڪي??ن آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد پي ٽي وي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ايڇ آر پاليسين کي ريشنلائيز ڪن. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته پي ٽي وي جي پگهارن جي ??سٽرڪچر ۾ فرق آهي، ان جي لاءِ هڪ مناسب نظام تيار ڪرڻ جي ??رورت آهي. ڪميٽي جي چيئرمين پي ٽي وي جي ??ملدارن کي هدايت ڪئي ته 2008ع کانپوءِ ڀرتي ٿيندڙ ملازمن جي مڪمل فهرست فراهم ڪئي وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ڪميٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته وزارت پي ٽي وي پارليامينٽ جي ??ڌوسنئون نشريات کي واپاري بنيادن تي هلائڻ جو ارادو رکي ٿي. نجي ي وي ??ين??ز کي پي ٽي وي سي پاران لائيو فيڊ جي لاءِ ادائيگي ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪميٽي جي گذريل اجلاس ۾ تجويز ڪي?? پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بابت تفصيلي بريفنگ ڏني هئي. ڪميٽي جي چيئرمين تجويز ڪي?? اٿارٽي بابت اڳڀرائي بابت معلوم ڪي??. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪميٽي کي ٻڌايو ته تجويز ڪي?? پي ايم ڊي اي جي لاءِ بل جي مسودي کي سمورين ڌرين جي مشاورت سان حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته بل جو مسودو ڪميٽي کي فراهم ڪرڻ کانپوءِ اسان ان تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين ۽ پنهنجي ??اءِ ڏينداسين. ڪميٽي جي ??جلاس ۾ 25 جنوري 2021ع تي ايوان پاران موڪليل ”اطلاعات تائين پهچ جو حق (ترميمي) بل 2020ع“ تي وڌيڪ غور ڪي?? ويو. ڪميٽي جي چيئرمين ڄاڻايل بل جي محرڪ جي ??جلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪي??. مجوزه بل تي وڌيڪ غور ڪميٽي جي ??يندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪي?? ويو. اجلاس ۾ ميڊيا جي ??ريعي عوامي خدمتن ??ا پيغام پهچائڻ جي ??والي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پي ٽي وي جي ??ملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي تي پبلڪ سروس ميسيجز باقاعدگي سان نشر ڪيا پيا وڃن. ڪميٽي جي چيئرمين سوال ڪي?? ته نجي ٽي وي ??ين??ز پرائم ٽائيم دوران پبلڪ سروس ميسيجز ڇو نشر نه ٿا ڪن. ايڊورٽائيزنگ ايئر ٽائيم جو گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو مختص ڪرڻ نجي ٽي وي ??ين??ز سان لائيسنسنگ معاهدي جو حصو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين ان معاملي تي پيمرا کان ٺوس رپورٽ طلب ڪرڻ ۽ ڪميٽي جي ??يندڙ اجلاس ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن کي طلب ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کانسواءِ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر عرفان الحق صديقي، عون عباس بپي، مصطفيٰ نواز کوکر، انور لال دين، نسيمه احسان، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پي ٽي وي جي ??ملدارن شرڪت ڪئي.