اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته قومون تعليم ۽ سٺي صحت سا?? ترقي ڪنديون آهن، ورچوئل تعيلم انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان کي اعليٰ تربيت يافته آءِ ٽي ۽ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي ضرورت آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ورچوئل تعليم جي ذريعي انفراسٽرڪچر کانسواءِ شاگردن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ڪاليج جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي حوالي سا?? تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊا??ٽر فيصل سلطان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائري??ٽر ڊا??ٽر شائسته سهيل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊا??ٽر تنوير خالق، پرو وائيس چانسلر ڊا??ٽر سيده بتول مظهر، ڊا??ٽر عابد ملڪ سميت ناليواري طبي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊا??ٽر عارف علوي چيو ته آئون ورچوئل ايجوڪيشن جو قائل آهيان ۽ منهنجي انفارميشن ??يڪ??الاجي ۾ گهري دلچسپي آهي، ملڪ ۾ هر سا?? 26 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس تعليمي ??دا??ن مان فارغ ٿين ٿا جڏهن ته پاڙيسري ملڪ جي ڀيٽ ۾ اهو انگ تمام گهٽ آهي. صدر چيو ته 1970ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن دوران ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس ٻا??رئ??ن ملڪ ويا جن مان اسان فائدو نه کڻي سگهياسين. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت نرسز ۽ ٻئي تربيت يافته ميڊيڪل عملي جي ضرورت آهي جن کي ٻا??رئ??ن ملڪ نه موڪلڻ گهرجي ته جيئن مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته ماضي ۾ هزارين شاگرد اعليٰ تعليم جي لاءِ ٻا??رئ??ن ملڪ ويا جن مان هڪ وڏو انگ واپس نه آيو، اسان کي ميڊيڪل افرادي قوت کي تيار ڪري انهن کي ملڪ ۾ پنهنجي ضرورتن جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته 20 سا??ن جي عرصي ۾ ايم بي بي ايس جي شاگردن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو جڏهن ته بي ڊي ايس جي شاگردن جو انگ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي. صدر تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن تعليمي ??دا??ن جي رينڪنگ وڌي ٿي ته ان جي نتيجي ۾ توهان تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪريو ٿا، ميڊيڪل ايجوڪيشن جو معيار وڌائڻ جي لاءِ سڌارن جو عمل ۽ ??دا??ن ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. صدر چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽس معاشري جو حصو هجن ۽ انهن جي ذهنيت ۽ سوچ پاڪستان جي غريب عوام سا?? واڳيل هجڻ گهرجي، پاڪستان ڪورونا کي بهتر طور منهن ڏنو ۽ ميڊيڪل جي شعبي سا?? واڳيل ماڻهن ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۽ انهن جي علاج دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڪورونا جي موذي مرض کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. صدر چيو ته ڪورونا جي ويڪسينيشن ٻين بيمارين جي تدارڪ جي لاءِ طبي عملي کي مهارت فراهم ڪئي آهي، هاڻي ڪينسر جي مرض سا?? گڏوگڏ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مرض کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ورچوئل تعليم جي ذريعي انفراسٽرڪچر کانسواءِ شاگردن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو.