اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورن?? جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي ??مل??رآمد ج?? لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هڪ سادي تقريب ۾ وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورن?? جي وچ ۾ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ صحت سهولت پروگرام جي يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي ??مل??رآمد ج?? لاءِ صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، پنجاب جي صحت واري وزير ??اڪٽر ياسمين راشد ۽ اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. مفاهمت جي ياداشت تي نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، پنجاب هيلٿ انيشيٽوز مئنيجمينٽ ڪمپني جي سي اي او علي رزاق ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين شعيب جاويد حسين صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان 13 ڊسمبر 2021ع ت?? لاهور ۾ پنجاب جي سمورن شهرين ج?? لاءِ صحت سهولت پروگرام جو اعلان ڪيو هو. سوشل هيلٿ پروٽيڪشن جي ان قدم جي ذريعي غريب خاندانن کي سڄي ملڪ ۾ مخصوص اسپتالن کان هر سال 10 لک رپيا في خاندان علاج ج?? لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. صحت ڪارڊ جي ذريعي اوپن هارٽ سرجري، اسٽنٽس لڳرائن، ڪينسر، نيورو سرجري، برين مئنيجمينٽ، حادثن، ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت، ڊليوري، سي سيڪشن ۽ گڙدي جي پيوندڪاري سان گڏ ٻئي طبي سرجيڪل علاج جي سهولت حاصل هوندي. سڄي ملڪ ۾ فهرست ۾ شامل ڪنهن به اسپتال مان مفت علاج ج?? لاءِ بين الصوبائي ۽ بين الاضلاعي جي سطح تي سهولت حاصل هوندي.