اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا آهي، فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هڪ صحافي غلام مرتضيٰ شر پيشيوراڻي خدمتن دوران پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺو، مملڪتي وزير چيو ته بلاول ٻڌائي ته اجئه لالواڻي ۽ ع??يز ميمڻ جي قاتلن کي اڃان تائين ڪٽهڙي ۾ ڇو نه آندو ويو، انهي ڪري اهو سلسلو نه رڪجي سگهيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافين جي تحفظ ۾ ناڪام ٿ?? چڪي آهي.