اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده عرب امارات تي ??وثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ??الهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده عرب امارات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده عرب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي ??انيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده عرب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻتي ??و اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ لاءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي ??تفاق ڪيو.