اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهرواريءَ بيگم ثمينه ع??رف علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عورتن جي عالم?? ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪالت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ??هي?? پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيون آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو ??هي?? عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيون آهن. بيگم ثمينه ع??رف علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي ??هي?? هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.