اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڄ شهباز شريف جي ڪيس ۾ ضمانت ملتوي ڪرڻ واري درخواست کي ٻڌڻي جي لا??ِ منظور ڪري سومر ڏينهن دليلن جي لا??ِ مقرر ڪيو ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انشاءَ الله سومر ڏينهن ضمانت ملتوي تي فيصلو اچي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شهباز شريف کي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور پاران جاري ڪيل نوٽيس پڻ شيئر ڪيو جنهن ۾ کيس 4 اپريل 2022?? تي عدالت ۾ حاضر ٿي جواب درخواست داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.