لاهور -12 سيپٽمبر (اي پي پي )ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته پاڪستان جا ڪروڙين ماڻهون ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، ان سان ريلوي ٽريڪس کي به شديد نقصان ٿيوآهي سرهندي وارن ماڻهن کان ٻوڏ متاثرين جي مدد جي اپيل ڪيا ٿيو هن وقت سياسي جهڳڙا ختم ڪيا وڃن متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. اح??ساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته وفاقي حڪومت سميت سمورا ادارا ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ ا??يان آهن ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي روڪيو ناهي هر سياسي جماعت پنهنجو پنهنجو ڪردار ??دا ڪري هي وقت جهڳڙن جو ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئي ايم ايف سان ٺاهه ٿي رهيو آهي. اڳوڻي خزاني واري وزير شوڪ?? ترين ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرائڻ جي غلط حرڪت ڪئي. سندس چوڻ هيو ته هڪ ليڊر لڳاتار حڪومت تي حملو ڪري رهيو آهي ته جيئن ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي .