اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوء?? سيڪا سربراهي اجلاس ۾ اسان جو ڌيان پاڪستان جي توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي رهيو، وچ ايشيائي رياستن سان گهرا رابطا اسان جي حڪومت جي ??رڏيهي پاليسي جو بني??دي مقصد آهي، اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جيڪا عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ متاثر ٿي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي ??نهنجي ??نهنجي اهميت آهي جن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان گهرو تعلق اسان جي حڪومت جو بني??دي مقصد آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. اسان ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جنهن کي عمران خان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ??لاقاتن ۾ اقتص??دي ۽ واپاري رابطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سيڪا سربراهه اجلاس ۽ ايس سي او اجلاس ۾ توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي پاڪستان جو ڌيان رهيو. عالمي اڳواڻن سان ملاقات ?? پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان.