اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ مص?? جي وچ ۾ ا??تص??دي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي قيادت ۽ وسيع تر عوامي اداراجاتي رابطن جي فروغ تمام اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه مص?? جي سفير طارق محمد دهروج سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان مصر لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مصر ۾ ايندڙ مهيني ڪوپ – 27 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مص?? جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ٽيليفون تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي مص?? جي حمايت ۽ يڪجهتي جي اظهار کي سا??اه??و. وزيراعظم مص?? جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 ڪانفرنس جي ميزباني تي مص?? جي حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ماحولياتي تبديلي ۽ ڪمزور طبقن بابت اعليٰ سطحي گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل صدارت سميت فعال شرڪت جو منتظر آهي. پاڪستان ڪوپ – 27 ڪانفرنس ۾ گروپ 77 ۽ چين جي نمائندگي به ڪندو. وزيراعظم پاڪستان ۽ مص?? جي وچ ۾ ا??تص??دي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي قيادت، عوام سان عوام ۽ اداراجاتي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ مص?? جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ نقطه نظر تي ٻڌل ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻطرفن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون ڪن ٿا.