اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي ”پاڪستان انفارميشن سينٽر“ جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي، اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ??رڪشاپ پڄاڻي تي ??هتو. ان تربيتي ??رڪشاپ جو موضوع ”فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ تي ??ڌل بيانيي جو تدارڪ“ هو جڏهن ته ورڪشاپ جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگنڊه جي تدارڪ 7 ان جو ٽوڙ ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کان روشناس ڪرائڻ هو. ٻن ڏينهن واري تربيتي ??رڪشاپ جو افتتاح اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. ورڪشاپ جي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ خيبر ٽي وي جي ڊائريڪٽر حسن خان شرڪت ڪندڙن کي انفارميشن ۽ فيئر ۽ پروپئگنڊه جي ٽولز ۽ پروپئگنڊه جي تدارڪ بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني ۽ تربيتي ??رڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. ٻئي سيشن ۾ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڇپجڻ کان اڳ خبرن جي تصديق ڪرڻ ۽ سچائي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ڪندڙن کي رياست جي خلاف پروپئگنڊه جو ٽوڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو. ورڪشاپ جي ٽئين سيشن ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ شرڪت ڪندڙن کي سچي خبر جي ضرورت ۽ اهميت ۽ خبرون ٺاهڻ جي سموري عمل ?? قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻ بابت ٻڌايو ۽ انهن کي فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم ??ڻڻ بابت آگاهه ڪيو. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي خاص مهمان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميش سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ٻن ڏينهن واري ٽريننگ ورڪشاپ جي سمورن شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. بعد ۾ هن مهان مقررن کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ان موقعي تي خاص مهمان سيد مبشر توقير ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا کي پڻ يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان قدم ??ي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ??رڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.