اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪم جي جڳهه تي جنسي هراسمينٽ جي ڪيس ۾ جواب??ار جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪم واري جڳهه تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جواب??ار جي درخواست رد ڪندي ان جو ڪيس ٻيهر محتسب ڏانهن موڪلي ڇڏيو. صدر پنهنجي فصلي ۾ چيو ته نئين وڪيل کان هڪ ڀيرو ٻيهر شڪ??يت ڪ??دڙ جي جرح ڪرائڻ جي درخواست جو ڪو بنياد نه آهي. صدر پاران هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي توثيق کانپوءِ ڪيس هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب کي حتمي فيصلي جي لاءِ واپس موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جواب??ار پاران داخل اپيل شڪ??يت ڪ??دڙ جي تڪليف ۽ اذيت وڌائڻ جي هڪ ڪوشش آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ئي معاملي تي جواب??ار جي متفرق درخواستن جي ڪري ڪافي وقت لڳي چڪو آهي، قانوني چاره جوئي جو هڪ نئون دور شروع ڪرڻ لاڳاپيل ايڪٽ جي روح جي خلاف آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته شڪ??يت ڪ??دڙ 27 مئي 2019ع تي محتسب آڏو جنسي هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جواب??ار صدر کي محتسب جي 23 سيپٽمبر 2021ع جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. جواب??ار محتسب آڏو معاملو التوا هيٺ هجڻ جي باوجود اپيل داخل ڪئي هئي.