اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم ??ور??گزيب چيو آهي ته يوم يڪجهتي ڪشمير جو ڏهاڙو اڄ پوري قومي عزم ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ وزيراعظم شهباز شريف اڄ آزاد ڄمون ڪشمير قانونس??ز اسيمبلي جي اج??اس کي خطاب ڪندو. پنهنجي بيان ۾ مريم ??ور??گزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان آزاد ۽ والاريل ڄ??ون ڪشمير ۾ رهندڙ بهادر، غيور ۽ آزادي جي متوالي عوام سان ايڪتا جو اظهار ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڄمون ڪشمير تڪرار تي رياست پاڪستان جي موقف ۽ ڪشميرين جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. سڌ سماءُ واري وزير چيو ته شهباز شريف جي هدايت تي يوم يڪجهتي ڪشمير سڄي ملڪ ۾ ڀرپور جذبي ۽ ولولي سان ملهايو پيو وڃي، مريم ??ور??گزيب چيو ته يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ مختلف تقريبون منعقد ٿينديون. تعليمي ادارن ۾ يوم يڪجهتي ڪشمير جي سلسلي ۾ سرگرميون به ترتيب ڏنيون ويون آهن ۽ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل مي??يا تي خصوصي پروگرام نشر ڪيا ويندا.