اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خاندانن ??ا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن ??يالن جو اظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ??ال??ه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ??ال??ه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم شهيد ۽ محمد زمان شهيد جي پونئيرن سان ??ال??ه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ??ال??ه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران شهيدن جي خاندانن ??ا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.