اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي و??اقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي رهائشگاهه تي و??و ۽ سندس نوجوا?? پٽ جي لاڏاڻي تي گهرڀاتين سان دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي مرحوم پٽ جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير ۽ وزيراع??م جو صل??حڪار احد چيما پڻ ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ هئا.