اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ملائيشيا سان واپار، معيشت، تعليم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهي ٿو، ملائيشيا جي واپارين کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ گهرجي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ملائيشيا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احسن رضا شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صد?? ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ملائيشيا سان واپاري ?? ا??تصادي تعاون جا نوان موقعا ڳوليا وڃن. صد?? نامزد هاءِ ڪمشنر تي زور ڏنو ته هو ملائيشيا جي واپاري برادري، چيمبر آف ڪامرس سان رابطن کي فروغ ڏي، گذريل سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جو خاطرخواهه اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي، ويليو ايڊيڊ شين جي ذريعي ملائيشيا کي پاڪستان جي درآمد وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن. هن چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ملائيشيا ۾ پاڪستاني افرا??ي قوت جي سهولت ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صد?? نامزد هاءِ ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ?? ا??ساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ به ڪم ڪري. صد?? فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي سفارشن تي عملدرآم?? ۾ ??اڪستان جي مدد تي ملائيشيا جي حڪومت جا ٿورا مڃيا. صد?? نامزد هاءِ ڪمشنر کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.