اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاران پاڪستان ??ي 76 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي خصوصي تحفي جي باقاعده شروعات سڀاڻي جمعي کان ٿيندي، جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 بنيادي ضروري شيون گهٽ ترين اگهن تي دس??يا?? هونديون. تفصيلي بيان موجب وز??راعظم پاران ملندڙ ان ٽارگيٽيڊ سبسڊي ۾ اٽو 648 رپين ۾ 10 ڪلوگرام، گيهه 353 رپيا في ڪلو، کنڊ 100 رپيا في ڪلوگرام، جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 25 رپين جي في ڪلو تي خصوصي رعايت ڏني ويندي. ان ??بسڊي سان ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت رجسٽرڊ خاندان ??ن جو غربت انڊيڪس تي اسڪور آر ايم ٽي 40 يا ان کان گهٽ آهي، سبسڊي حاصل ڪرڻ جا اهل آهن، ان ??هولت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ به بي آئي ايس پي جا خصوصي رجسٽريشن ڪائونٽر يوٽيلٽي اسٽورز تي قائم ڪيا پيا وڃن.