اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي بچت کي فراڊ سان متاثر ٿيل عورت کي 12 لک رپيا منافعي ??ان گڏ واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? راولپنڊي جي عورت شهري جي اڪائونٽ مان جعلي چيڪ بُڪ ذريعي 12 لک رپيا ڪڍرايا ويا هئا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ معا??لي جي مناسب جاچ جي لاءِ ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن موڪلي ۽ انڪوائري کانپوءِ فراڊ جي معا??لي ۾ ملوث اهلڪارن کي سزا ڏني وڃي. تفصيل ??وج?? عابده رفعت (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي شڪايت ڪئي ته سندس قومي بچت راولپنڊي ۾ پينشنز بينيفيٽ اڪائونٽ هو، عورت کي 2021ع ۾ خبر پئي ته 2019ع ۾ سندس اڪائونٽ مان 12 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍيا ويا. رقم هڪ چيڪ بُڪ ذريعي ڪڍي وئي، جيڪو عورت کي ڪڏهن جاري نه ڪيو ويو هو. عورت فراڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ رقم جي وصولي جي لاءِ قومي بچت کي شڪايت داخل ڪرائي، معا??لي جي صحيح ڇنڊڇاڻ نه ڪئي وئي ۽ عورت کي چيو ويو ته اها ڪو ثبوت پيش نه ڪري سگهي. عورت وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن قومي بچت کي معاملو ايف آءِ اي کي موڪلڻ جو چيو. قومي بچت معاملو ايف آءِ اي ڏانهن موڪلڻ بدران صدر کي اپيل داخل ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف مرڪزي قومي بچت ڊائريڪٽوريٽ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي. صدر چيو ته قومي بچت پنهنجي ئي خط ۾ اعتراف ڪيو ته جعلي ٽرانزيڪشن جي ذريعي ??ڪائونٽ مان 12 لک ڪڍرايا ويا، قومي بچت جي اندروني انڪوائري دوران آفيسر بيان ڏنو ته رقم کي گن مين ۽ ڪيشيئر جي ذريعي ??وکيبازي سان ڪڍيو ويو. صدر چيو ته قومي بچت ڄاڻايل اهلڪارن کي انڪوائري ۾ شامل ئي نه ڪيو، ثابت ٿئي ٿو ته قومي بچت جي انڪوائري جو عمل شفاف نه هو. صدر چيو ته قومي بچت جو معاملو ايف آءِ اي کي ڏيڻ جي مخالفت ڪرڻ بنا جواز آهي، وفاقي محتسب صحيح نشاندهي ڪئي ته معا??لي جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي چيو ته قومي بچت 30 ڏينهن ۾ محتسب کي تعميل جي رپورٽ پيش ڪري.