بيجنگ _ 26 جون (اي پي پي ) سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان چيني هم منصب ليفٽينٽ جنرل ڊونگ جون سان بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي انڊيپينڊٽ اردو مطابق ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ چين جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ دفاعي شراڪت داري کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ڳالهيون ڪيون ته جيئن گڏيل مفادن سميت ٻنهن ملڪن جي قيادت جي خواهشن کي پورو ڪري سگهجي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي قائم رکي سگهجي. ملاقات ۾ اعلى سعودي اختياريون چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽينٽ جنرل فياض بن حامد الرويلي ، چين ۾ سعودي سفير عبد الرحمان بن احمد الحربي ، اسٽريٽجڪ ميزائل فورس جو ڪمانڊر ليفٽينيٽ جنرل جر الله بن محمد الڪويت ، دفاع وارو وزيرجو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبد العزيز بن سيف ، آرمڊ فورسز آپريشنز اٿارٽي جو سربراهه ميجر جنرل مسفر الغنم ۽ بيجنگ ۾ سعودي سفارتخاني جو اتاشي ڪمانڊر سليم بن صالح المالڪي موجود هو . ان موقعي تي سعودي دفاع واري وزير سان چين جي سينٽرل ملٽري ڪميشن جي وائس چيئر مين زانگ يوشيا پڻ ملاقات ڪئي . ٻنهن عهديدارن ٻنهن ملڪن وچ ۾ اسٽيٽجڪ لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ فوجي ۽ دفاعي سهڪار کي بهتر بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . هن علائقائي ۽ عالمي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون .