ڊيره غازي خ??ن – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري دوائن جي ملڪ ۾ آساني سان دستيابي ۽ عوا?? کي مناسب قيمت تي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي کي مڪمل طور تي متحرڪ ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي، افرادي قوت کي ترج??حي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن ڊيره غازي خ??ن ۾ سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائرين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن ۽ قرنطينه مرڪز ۾ زائرين کان انهن جي خيريت معلوم ڪرڻ کانپوءِ پنجاب صوبي ۾ ڪرونا وائرس جي صورتحال جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.