لاهور / اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون ئي پاڪستان جهڙن ملڪن جي لاءِ ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جو واحد حل آهي، ڪورونا جو ڦهلاءُ به روڪڻو آهي ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻو آهي ته ج??ئن غريب تي بار نه پوي، عوام احتياط نه ڪيو ته مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو، عوام احتياط نه ڪيو ته ان لاءِ وائرس تيزي سان پکڙيو، هاڻي لاڪ ڊائون نه ڪنداسين پر مخصوص اي??ياز بند ڪرائينداسين ۽ اي?? او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۽ ڪورونا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ سختي ڪنداسين، عوامي جاين تي ماسڪ پائڻ لازمي هوندو، عوام جي مٿان آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري حالتن کي بگڙڻ کان بچائي، صوبن جا دورا به ڪندس ۽ ڪورونا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اي?? او پيز تي عملدرآمد کي پاڻ ما??يٽ?? ڪندس. هو پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت اعليٰ س??حي اجلاس کانپوءِ ڳالهائي رهيو هو.