اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي لاءِ حڪومت پاران اعل??ن ڪيل تازي مراعتي پيڪيج تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي سان قومي رابطا ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو پهريون اجلاس سندس صدارت ۾ 10 جولاءِ تي ٿيو، ??ن ڪميٽي جي قيام جو مقصد تعميراتي شبعي بابت قانونن کي آسان بڻائڻ ۽ قر??ن جي فراهمي جي ع??ل ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ آهي.