اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اک?? جاري ڪري ڇڏيا آه??. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن م??جب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 659 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض اسپتالن ۾ ان وائ??س سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ ??? 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، پنجاب ۾ 11 هزار 678، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بلوچستان هڪ هزار 29 ، گلگت بلتستان ۾ 518، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ ??? 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آه??، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ ??? 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائ??س سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 877 آه??.