اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان آمريڪا طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، خطي جو مستقبل امن، تعاون ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي، ??اڪ??تان جي حڪومت فوج ۽ انٽيلي جنس ادارا افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، ڀ??رت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت نظرياتي طور تي اسان جي خلاف آهي ان لاءِ اسان جون ڪوششون نتيجن واريون نه ٿي سگهيون، افغان عوام جيڪا به حڪومت چونڊي ??اڪ??تان ان سان گڏ لاڳاپا مضبوط ڪندو، اسان کي ماضي مان سبق سکي مستقبل طرف وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي ??اڪ??تان افغان واپار ۽ سيڙپڪاري فورم 2020ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.