ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس مان جا??ي ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ماهرن جي 5 ر??ني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي ??ئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ??ريون، ماهرن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جا??ي منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ??ئي.