اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ نسلن کي منشيا?? جي لعنت کان بچائڻ ۽ ان جي غير قانوني واپارر کي روڪڻ لاءِ سمورن علائقائي ملڪن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻي??ن پونديون، ان حوالي سان حڪومت ??اڪستان جون ترجيحون واضح آهن، اسان منشيا?? جي ضبطي ۽ سرحدن جي نگراني جي موثر نظام جي ذريعي منشيا?? جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ پهرين صف جي ملڪن ۾ شامل آهيون، منشيا?? جي استعمال ۽ اسمگلنگ جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته منشيا?? جي خاتمي وارو عالمي ڏينهن هر سال 26 جون تي عالمي اڳواڻن، عالمي برادري، عالمي اتحاد ۽ انجمن سميت سڀني لاءِ هڪ يادگيري جي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته اسان گڏيل ڪوششن سان منشيا?? جي غير قانوني واپار کي روڪڻ لاءِ پنهنجون گڏيل ذميداريون ا??ا ڪريون. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان منشيا?? جي اسمگلنگ جي خاتمي جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ڇ?? ته ان سان عوام جي صحت کي سخت خطرا درپيش آهن، منشيا?? جي استعمال ۽ ان جي غير قانوني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ موثر قدم حڪومت ??اڪستان جي اولين ترجيح آهن.