اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي همدردي ۽ تحقيق ۽ ثبوتن تي ٻڌل طب تي مشتمل علاج تي زور ڏيندي چي?? آهي ته ڊاڪٽر غريب ۽ دکي انسانيت جي علاج لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻين، بيمارين جي اڳواٽ بچاءُ جي حڪمت عملي اختيار ڪڻي پوندي، حڪومت ڪورونا وبا جي مقابلي سميت ملڪي معيشت کي سنڀاليو، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي دوران هر قدم ۾ غريبن جو خيال رکيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سوسائيٽي آف انٽرنل ميڊيسن جي اهتمام هيٺ تحقيق تي ٻڌل علاج اختيار ڪرڻ جي موضوع تي ٻي سالياني ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته ثبوتن تي ٻڌل طب جي ذريعي مريضن جو علاج ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، هن چي??ته صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ ويڪسينيشن ڪرائڻ کان لهرايو ويندو آهي، ان ڏس ۾ مختلف ملڪن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، هن چي?? ته حڪومت ڪورونا وبا دوران غريب طبقي جو خاص خيال رکيو، وزيراعظم عمران خان ان دوران هر قدم ۾ غريب طبقي تي ڌيان ڌنو، پاڪستان ڪورونا وبا دوران ايس او پيز جي سان مسجدن کي کليو رکيو جنهن تي الله جي رحمت ٿي ۽ اسان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين، ڪورونا وبا جي دوران مسجدن جي ذريعي ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو، هن چي?? ته اسان 2000ع ۾ 8 لک ماڻهن جي ڏندن جي صفائي بابت آگاهي پيدا ڪئي، ان آگاهي مهم ۾ مسجدن جي ذريعي شعور اجاگر ڪيو ويو، مسواڪ جي حوالي سان 22 حديثون آهن، جيڪڏهن ماڻهو ڏندن کي صحيح صاف ڪري وٺن ته ڏندن جون بيماريون ختم ٿي وينديون، هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي دوران همدردي جو احساس پيدا ڪيو، قوم بيروزگاري ۽ مڪمل لاڪ ڊائون برداشت نه ڪري سگهي ٿي، ڪورونا وبا دوران اين سي او سي موثر ڪردار ادا ڪيو، اين سي او سي تحقيق تي ٻڌل منصوبابندي ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو، عالم سڳورن مسجدن جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چي?? ته اها ليڊرشپ آهي جيڪا درست فيصلا ڪندي آهي، ڪورونا وبا دوران معيشت نه رڳو مستحڪم رهي پر ترقي جي راهه تي گامزن ٿي، ڪورونا باوجود ننڍي ۽ وڏي ڪاروبارن ترقي ڪئي، ڪورونا وبا کي موقعن ۾ تبديل ڪ??ي معاشي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو، هن چي?? ته ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسين تي تحقيق قابل تعريف آهي، تنهن هوندي به مارڪيٽ جي ضروتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چي?? ته ملڪ ۾ هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ان تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته چي?? پنهنجي ماڻهن نه رڳو غربت مان ڪڍيو پر ترقي ڪري سپر پاور بڻجي ويو جنهن جو سبب اهو هو ته چي?? صحت ۽ تعليم تي ڌيان ڏنو. هن چي?? ته امير ماڻهو کي بيماري ۽ صحت بابت سهولتن ۽ رهنمائي آساني سان ملي ويندي آهي تنهن هوندي به غريب ماڻهو کي مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو آهي ?? ان جي سڄي زندگي جي جمع پونجي علاج تي خرچ ٿي ويندي آهي، ڊاڪٽرن کي غريب ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان همدردي سان سوچڻ گهرجي. هن چي?? ته ڪورونا بابت موبائيل فون جي ذريعي آگاهي پيدا ڪئي وئي، انهي طرح عوام کي علاج جي سهولتن ۾ آساني جي لاءِ ٽيلي ميڊيسن جو پروگرام شروع ڪرڻ گهرجي، هر پاڪستاني کي ٽيلي فون جي ذرعي علاج جي مشورن جي سهولت دستياب هجڻ گهرجي، هن چي?? ته مصر هيپاٽائيٽس تي ضابطو آندو انهي وانگر پاڪستان ۾ به ان موذي مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته ميڊيسن جي شعبي ۾ جدت تي ٻڌل تبديليون تيزي سان ظاهر ٿي رهيون آهن اسان کي ان شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چي?? ته مصنوعي دانش ۽ ڊيٽا ڪليڪشن انتهائي اهم آهي، ڊيٽا جي تجزئي جي ذريعي منصوبابندي ۾ آساني پيدا ٿيندي، ڊيٽا جي تجزيي ??ي صلاحيت جي ضرورت آهي، تربيت ۾ سگهه آڻڻ جي ضرورت آهي، هن چي?? ته ڊاڪٽرن کي همدردي کي نه وسارڻ گهرجي ۽ اها دوا کان وڌيڪ موثر علاج آهي. هن چي?? ته ماضي ۾ ڊاڪٽر ٻاهرين ملڪ ويندا هئا پر هاڻي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته انهن کي ملڪ اندر سموريون سهولتون دستياب هجن ته جيئن هو ٻاهرين ملڪ وڃڻ بدران ملڪ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين، هن چي?? ته پاڪستاني ذهانت ۾ ڪنهن کان گهٽ نه آهن، هن چي?? ته قومي ترقي جي لاءِ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي اهم آهي، هن ڊاڪٽرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن جيڪي قومون پنهنجون ذميداريون پوريون ڪنديون آهن اهي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي نڪري وينديون آهن.