اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??لڪ ۾ مڪمل طور تي غير جانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فر??غ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان ۾ موجود غير ملڪي صحافين کي ڪڍڻ جي حوالي سان کنيل قدمن لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڳ??لهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير وزيراعظم کي افغانستان ۾ موجود صحافين جي نڪرڻ جي حوالي سان اطلاعات واري وزارت جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. غير ملڪي صحافين جي پاڪستان آمد ۽ انهن کي ويزه سميت ٻين سه??لتن جي فراهمي جي حوالي سان معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وزير ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي پيش نظر صحافين جي سه??لت لاءِ اطلاعات واري وزارت ۾ خصوصي سيل قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن مليل درخواستن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي، وزيراعظم عالمي صحافي برادري جي سه??لت خاطر اطلاعات واري وزارت خاص طور تي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي قدمن کي ساراهيو ۽ ميڊيا جي حوالي سان ٻين معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڳ??لهائيندي وزيراعظم چيو ته ??لڪ ۾ مڪمل طور تي غيرجانبدار، آزاد ۽ ذميداراڻي صحافت جو فر??غ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.