دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، تاجڪستان جي و??يراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وا??و وفاقي و??ير چ??ڌر?? فواد حسي??، بحري معاملن وا??و وفاقي و??ير سيد علي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وا??و صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وا??و ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو، وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او ج?? 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستا??، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي و??ارتي وفد به گڏ آهي.