اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 ل?? رپين جي رقم ج??ع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذ??يع?? 12 ل?? رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪايت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪايت ڪندڙن پنهنجي بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽرانسفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنهنجي مصنوعات بابت آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪن جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پرائيويٽ بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪري رقم ج?? نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪايت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 ل?? رپين جي رقم ج??ع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.