اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته ??سلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان عالمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??هو تاثر غلط آهي ته ??سلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪرايو. هن چيو ته ??سلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين ??لم??اهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، هن چيو ته ??ياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پيش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئل?? موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، چوڌري فواد حسين ??يو ته ??ن کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، هن چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين ??لم??اهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين ??ي مبارڪباد پيش ڪئي.