اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي انساني وسيلن کي بلاڪ، چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت،سائبر سيڪيورٽي ۽ بگ ڊيٽا ??هڙ??ن اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ ترقي ۽ تربيت ڏيڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ بل??ڪ چين ماهرن جي هڪ عالمي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن جي قيادت بي ايس وي بل??ڪ چين ايسوسيئيشن جي باني صدر جيمس نيگوين ڪري رهيو هو. صدر بل??ڪ چين ٽيڪنالاجي جي اهميت ۽ فائدي جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سرڪاري ۽ نجي شعبا ان مان فائدو وٺي سگهن، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بل??ڪ چين ٽيڪنالاجي ڏيڻ وٺڻ کي ٽريڪ ڪرڻ، بدعنواني کي گهٽ ڪرڻ ۽ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ شفافيت ??ڌائڻ جو هڪ طاقتور ذريعو ٺهي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته بل??ڪ چين ٽيڪنالاجي جي صل??حيتن کان پوري طرح فائدي وٺڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ ان جي لاڳو کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي، صدر پاڪستان جي ٽيڪنالاجي ٽيلينٽ جي خدمتن کي ساراهيو. جنهن دنيا جي ڪجهه وڏي ڪمپنين کي ٽيڪينڪي سهولت فراهم ڪري پنهنجي شناخت ٺاهي آهي، هن ان حقيقت کي اجاگر ڪيو ته گذريل سال دوران پاڪستاني اسٽارٽ اپ آءِ ٽي جي شعبي ۾ قابل قدر عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ان موقعي تي جميز نيگوين معيشت جي مختلف شعبن ??هڙ??ڪ بئنڪنگ، فنٽيڪ، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ، هيلٿ ڪيئر، بگ ڊيٽا، ماحوليات ۽ گورننس ۾ بل??ڪ چين ٽيڪنالاجي جي امڪانن ۽ استعمال جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن ميٽنگ کي پاڪستان ۾ بي ايس وي بل??ڪ چين پاران کنيل ڪيترن ئي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.