اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل چاهي ٿو جنهن ۾ مظلوم ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي ضمانت ڏني و??ي آهي، والاريل ڪشمير ڪڏهن به ڀا??ت جو حصو ناهي رهيو ۽ غيرقانوني طور تي و??لاريل علائقي کي پنهنجو حصو قرار ڏيڻ جي ڀا??تي آئين کي به تسليم نه ڪيو. هو ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي س??سلي ۾ پرڏيهي آفيس کان ڊي چوڪ تائين ريلي جي قيادت ڪرڻ کانپوءِ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ??ري رهيو هو. ان موقعي تي س??نيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ڪشمير پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار خان آفريدي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، مذهبي معاملن واري وفاقي و??ير پير نورالحق قادري س??يت وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، حريت اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ ميڊيا سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پلي ڪارڊ ۽ بينرز کڻي رکيا هئا جن ۾ والاريل ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو عزم ڪيو ويو هو. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڀا??ت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام ڀا??تي قبضي کان آزادي حاصل ڪندي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خواهش موجب خودمختياري جي حق جي حوالي سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪري. هن چيو ته آزادي جي صدائن کي دٻائڻ لاءِ ڀا??تي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ۽ ميڊيا جو بليڪ آئوٽ ??ري رکيو آهي ته جيئن ڪشميرين جي آزاد ۽ مسلسل ڀا??تي ظلم کي بي نقاب ڪندڙ سمورن آوازن کي خاموش ڪرائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڪشميري عوام جي دل گڏ ??ڙڪ?? ٿي. جڏهن والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڏک ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي ڪشميري عوام سان ڪيل پنهنجي و??عدن جي احترام جي ياد ڏياري ٿو. ڪشميرين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ ڪشميري عوام پنهنجو رت وهائي ان جو ثبوت ڏئي رهي آهي.