اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي ضلعي نوشڪي ۽ پنجگور ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ قائم فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جا حملا ناڪام ڪندڙ پنهنجي فوجي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا، سڄي قوم پنهنجي هٿياربند فوج جي پٺيا?? متحد بيٺل آهي، جيڪا اسان جي تحفظ ۽ دفاع جي لاءِ ??ظي?? قربانيون پيش ڪري رهي آهي.